پدمڻي ڪپيلا

پدمڻي ڪپيلا

پدمڻي ڪپيلا

پدمڻي ڪپيلا: هندي فلمن جي سنڌي اداڪاره پدمڻي ڪپيلا، اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ بعد فلمن ۾ ڪم شروع ڪيو. سندس پهرين فلم 1973ع ۾ ’انتظار‘ نالي سان آئي، جيڪا موهن سهگل پيش ڪئي. کيس وڌيڪ شهرت 1978ع ۾ ٺهيل فلم ’تمهاري قسم‘ کانپوءِ مـلـي. سندس ٻين فلمن ۾ ’وه مين نهين‘، ’هيرا لال‘، ’هم سي بڙهه ڪر ڪون‘ ۽ ’رفيوجي‘ آهن، جن ۾ هن ڪرينا ڪپور جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. پدمڻي ڪپيلا، ديپڪ پراشر سان گڏجي هڪ فلم: ’ميٺا زهر‘ پروڊيوس به ڪئي. اڄڪلهه هوءَ گهريلو زندگي گذاري رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو